اسلام آباد – 09 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي ??ڪومت گذريل ٻن سالن دوران پاڪ چين اقتصادي لنگهه منصوبي کي اولين ترجيحن ۾ رکيو، پاڪ چين اقتصادي لنگهه اربين ڊالر جو هڪ ميگا منصوبو آهي جنهن سان ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا نئين بلندين تائين پهچي ويندا. پاڪ چين اقتصادي لنگهه مان ملڪ جا سمورا صوبا بر??بر فائدو کڻندا جڏهن ته بلوچستان، خيبرپختونخواهه ۽ اڳوڻي فاٽا کي خاص طور فائدو ٿيندو. ان اهم منصوبي جي مڪمل ٿيڻ سان پاڪستاني معيشت جي ??قدير بدلجي ويندي. پاڪ چين اقتصادي لنگهه تحت اهم منصوبن ۾ گوادر پورٽ جي ??پ گريڊيشن، گوادر پورٽ ايڪسپريس وي جي ??عمير، گوادر انٽرنيشنل ايئرپورٽ ۽ ڪراچي سکر موٽروي جي ??عمير شامل آهي جنهن جي مڪمل ٿيڻ سان ملڪ جي ??قتصادي ۽ معاشي ترقي ۽ خوشحالي جا هدف حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملندي ۽ پاڪستان عالمي واپاري سرگرمين جو مرڪز بڻجي ??ڀرندو. پاڪ چين اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) جي فيز ٽو ۾ سياحت، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ زراعت کي سي پيڪ ۾ شامل ڪيو ويو آهي. حڪومت سستي بجلي ٺاهڻ طرف وڃي رهي آهي، وڏا ڊيمز نه رڳو زراعت جي لاءِ فائديمند ٿيندا پر هائيڊل پاور ??نر??شن جي فروغ ۾ پڻ مددگار ثابت ٿيندا. ??ئي طرف چين جون وڏيون ڪمپنيون ڪارپوريٽ فارمنگ ۾ دلچسپي وٺي رهيون آهن.