اسلام آباد – 11 جولاءِ (اي پي پي) ??يش??ل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪورونا وائرس بابت تازا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آه??، گذريل 24 ڪلاڪن دوران 65 ماڻهو فوت ٿيا، هڪ ڏينهن ۾ 23 هزار 569 ٽيسٽ ڪيا ويا، هڪ لک 53 هزار 134 ماڻهو ڪورونا وائرس کي شڪست ڏئي مڪمل صحتياب ٿي چڪا آه??. اين سي او سي موجب بلوچستان، آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ ڪو مريض وينٽي ليٽر تي نه آه??. سڄ?? ملڪ ?? 394 ڪورونا مريض وينٽي ليٽرز تي آه?? ??ڏه?? ته ڪورونا مريضن جي لاءِ 1568 وينٽي ليٽرز رکيا ويا آه??. هن وقت سڄ?? ملڪ ?? 2 لک 46 هزار 351 تصديق ٿيل ڪيسز آه?? جن ۾ آزاد ڪشمير جا 1532، بلوچستان جا 11 هزار 128، گلگت بلتستان جا 1630، اسلام آباد جا 13 هزار 927، خيبرپختونخواهه جا 29 هزار 775، پنجاب جا 85 هزار 991 ۽ سنڌ جا هڪ لک 23 هزار 68 ڪيسز شامل آه??. سڄ?? ملڪ ?? ڪورونا کان هيستائين 5 هزار 123 فوتگيون ٿي چڪيون آه??. هيستائين 15 لک 38 هزار 427 ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا آه??. ملڪ جي 733 اسپتالن ۾ 4254 مريض علاج هيٺ آه??.