ڪراچي – 17 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمرا?? خان چي?? آهي ته 18 هين آئيني ترميم جي حوالي سان ڪي به اختلاف نه آهن، ان ۾ ڪجهه بي ضابطگيون آهن جن تي نظرثاني ڪرڻ جي ضرورت آهي، ڪجهه شيون 18 هين ترميم تحت صوبن کي منتقل ڪيون ويون جيڪي مرڪزي حڪومت وٽ رهڻ گ??رج?? ها، سمورن صوبن جي مشاورت سان انهن بي ضابطگين کي ختم ڪيو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن گورنر هائوس ۾ مختلف مقامي نيوز چي??لز ۽ اخبارن سان واڳيل سينيئر صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. وفاقي حڪومت پاران ڪورونا وائرس جي ڦهلاءُ کي روڪڻ جي قدمن بابت هڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعظم عمرا?? خان چي?? ته شروع ۾ ئي اين سي او سي جا اجلاس باقاعدگي سان ٿي رهيا آهن ۽ سمورن صوبن کي اعتماد ۾ ورتو ويندو آهي. هن چي?? ته شروع کان ئي آئون سخت لاڪ ڊائون هڻڻ جي خلاف هئس ڇو ??ه مون کي مزدور طبقي خاص طور تي ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ مزدورن جو فڪر هو.