اسلام آباد – 07 مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير ??ين??ٽر شبلي فراز چيو آهي ته خواجه آصف جو بيان ڀريل پيٽ فارسي ڳالهائڻ جي برابر آه??، خواجه صاحب کي غريبن ج?? احساس نه آهي نه ته اهو بيان نه ڏي ها، پوري قوم معيشت جي خرابي جو ذميوار ماضي جي ڪرپٽ حڪمرانن کي سمجهي ٿي، معيشت ٺيڪ ڪرڻ جي لاءِ خواجه صاحب پنهنجي قيادت کي راضي ڪري ته اها ٻاهرئين ملڪ رکيل پنهنجو سرمايو پاڪستان واپس آڻين. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير ??ين??ٽر شبلي فراز پنهنجي بيان ۾ چيو ته وزيراعظم عمران خان قوم ۽ ملڪ جي مفاد ۾ فيصلا ڪري رهيو آهي، هو پهرين ڏينهن ??ان هڪڙي ڳالهه چئي رهيو آهي ته قوم کي ڪورونا ??ان به محفوظ رکڻو آهي ۽ انهن کي بک ??ان به بچائڻو آهي.