??سل??م آباد – 17 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اس??گلنگ ملڪي معيشت جي لاءِ ناسور، ذخيره اندوزي ۽ ناجائز منافع خوري جي خلاف سخت ايڪشن اڻٽر آهي، ان جي روڪٿام لاءِ انٽيلي جنس ايجنسين جون خدمتون حاصل ڪيون وڃن، صوبن سان ڪوآرڊينيشن کي وڌيڪ موثر بڻايو وڃي، ماڪڙ تي ضابطو آڻڻ ۽ ان جي خاتمي لاءِ مڪمل تياري ڪئي وڃي، ان سلسلي ۾ فنڊن جي فراهمي يقيني بڻائي ويندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اس??گلنگ جي روڪٿام، ذخيره اندوزي جي خلاف ڪريڪ ڊائون ۽ ماڪڙ جي خاتمي جي حوالي سان قد??ن تي جائزي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو.