اسلام آباد – 13 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران ??ان چيو آهي ته ٻار معاشري جا مستقبل هوندا آهن، معاشري جي مستقبل جي خلاف ڏوهن ۽ خاص طور تي معصوم ٻارن جو جنسي استحصال پوري معاشري لاءِ باعث شرم ۽ افسوسناڪ آهي، ٻارن کي محفوظ ماحول فراهم ڪرڻ نه رڳو حڪومت پر معاشري جي هر فرد جي ذميداري آهي ۽ حڪومت ان ??لسلي ۾ هر ممڪن قدم کڻندي، وزيراعظم انساني حقن واري وزارت کي ٻارن جي خلاف ڏوهن جي روڪٿام لاءِ گهرو وزارت ۽ صوبائي حڪومتن جي مشاورت ۽ مدد سان قومي سطح تي نيشنل ايڪش?? پلان کي آئنده ٻن هفتن ۾ حتمي شڪل ڏيڻ جي به هدايت ڪئي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ٻارن بابت ڏوهن خاص طور تي ٻارن جي جنسي استحصال جي موثر روڪٿام جي حوالي سان ??عليٰ سط??ي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو.