اسلام آباد – 01 – نومبر (اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني پاڪستان ۾ گورننس بهتر بڻائڻ جي لاءِ عالمي معيار اختيار ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته عوام جي خدمتن جي بهتر فراهمي جي لاءِ ڊيجيٽل گورننس، ڊيٽا تي ٻڌل فيصلاسازي ۽ مصنوعي ذهانت کي اختيار ڪرڻو پوندو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني نيشنل انسٽيٽيوٽ آف پبلڪ ايڊمنسٽريشن ڪراچي جي 36هين سينيئر مئنيجمينٽ ڪورس جي شرڪت ڪندڙن سان ملاقات دوران ڳالهائي رهيو هو. هن چيو ته گورننس ۾ بهتري جي لاءِ جدت ۽ جديد ترين ٽيڪنالاجي جي استعمال جي ضرورت آهي. هن چيو ته پاڪستان کي ڪيترائي چئلينجز درپيش آهن، پاڪستان کي معاشي مسئلن، بلند ناڻي واڌ، وڌندڙ آبادي، بيروزگاري، موسمياتي تبديلي ۽ سماجي ناانصافي جهڙا مسئلا درپيش آهن، ملڪ کي درپيش چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ بيوروڪريسي کي فعال ۽ تعميري ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن چيو ته پاڪستان کي مستقبل جي سوچ رکندڙ قوم جي طور تي عالمي سطح تي اجاگر ڪرڻو پوندو، پاليسين جا ثمر هر شهري تائين پهچائڻا پوندا، بيوروڪريسي پاڪستان جي مسئلن جي پائيدار حل لاءِ ڌرين سان مضبوط نيٽ ورڪ ٺاهي. هن چيو ته سرڪاري ملازمن کي مسئلا حل ڪرڻ، جدت اختيار ڪرڻ، رهنما بڻجڻ جي ضرورت آهي، بيوروڪريسي ملڪ کي موجوده چئلينجز مان ڪڍڻ ۾ هڪومتن جي مدد ڪري، بيوروڪريٽس عوامي خدمت جو رويو اختيار ڪن، سرڪاري ملازمت جي لاءِ همدرديءَ، عاجزي ۽ ٻين جون زندگيون بهتر بڻائڻ جي حقيقي خواهش جي ضرورت هوندي آهي. وقتي صدر ۽ سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته دنيا مسلسل بدلجي رهي آهي، سرڪاري ملازمن کي به ارتقا جي ضرورت آهي، سول سرونٽس علم حاصل ڪن، پاڻ کي جديد ترين مهارتن سان ليس ڪن. سرڪاري ملازم اخلاقي طرز حڪمراني اختيار ڪن، عوام سان همدرديءَ سان پيش اچن، 18هين ترميم ۽ اين ايف سي ايوارڊ کانپوءِ صوبن کي وڌيڪ حق ۽ فنڊز ڏنا ويا. وقتي صدر چيو ته ملڪ جي بهترين مفاد کي نظر ۾ رکندي آئين ۾ ترميم ڪرڻ پارليامينٽ جو استحقاق آهي، پاڪستان دشمن عنصر پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جي خلاف آهن، دهشتگرد سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري کان روڪڻ جي ڄاڻي واڻي ڪوشش ڪري رهيا آهن. هن شرڪت ڪندڙن کي ٻڌايو جڏهن آئون وزيراعظم هئس ته ان وقت آغاز حقوق بلوچستان جي شروعات ڪئي، عملدرآمد يقيني بڻايو، بطور وزيراعظم منهنجي دور ۾ بلوچستان کي وڌيڪ فنڊز ۽ رائلٽي ڏني وئي هئي.