پشاور – 08 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته معذو?? ماڻهن کي جديد ٽيڪنالاجي جي ثمرن مان فائدو ڏيارڻ لاءِ سمورن دستياب وسيلن کي استعمال ۾ آڻڻ وقت جي ??هم ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن گورنر هائوس پشاور ۾ ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن (ڊبليو ايڇ او) جي تعاون سان منعقد ٿيندڙ معذو?? ماڻهن جي اجلاس کي خطاب دوران ڪيو. هن چ??و ته مددگار ٽيڪنالاجي عالمي ۽ علائقائي سطح تي اهميت اختيار ڪندي پئي وڃي جيڪا ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته دنيا بهتر ٿيندي پئي وڃي ۽ مددگار شين جي ضرورتمندن لاءِ هاڻي اميد پيدا ٿي وئي آهي، وزيراعظم جو صحت بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فيصل سلطان ۽ خيبرپختونخوا جي وڏي وزير جو اطلاعات ۽ هائير ايجوڪيشن بابت خاص مددگار ڪامران بنگش به ان خصوصي اجلاس ۾ موجود هئا، صدر چيو ته اسان هن وقت مشڪل دو?? مان گذري رهيا آهيون، ڇو ته ڪووڊ 19 زندگي جي هر شعبي کي متاثر ڪيو آهي، پاڪستاني عوام جي خيرخواهي ۽ صحت لاءِ ڊبليو ايڇ او جي تعاون کي ساراهيندي هن چ??و ته حڪومت ان ڳالهه کي يقيني بڻائي رهي آهي ته ڪنهن به قسم جي معذوري رکندڙ ماڻهو ملڪ جي ترقي ۾ بامقصد ڪردار اد?? ڪري سگهن.