اسلام آباد – 19 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ براڊ شيٽ جي ??عاملي تي ڪميٽي قائم ڪرڻ جو فيصلو، پبلڪ سيڪٽر ڪمپنيز (ڪارپوريٽ گورننس) رولز 2013ع تحت علي مهدي جي پاڪستان ڊيولپمينٽ فنڊ لميٽيڊ جي چيف ??يگ??يڪيوٽو آفيسر مقرري، پاڪستان پيٽروليم لميٽيڊ جي انتظام هيٺ سمورن درجن جي ??وڪرين تي پاڪستان ايسينشنل سروسز (مينٽيننس) ايڪٽ 1952ع لاڳو ڪرڻ ۾ 6 مهينن تائين جي ??اڌ، پاور ڊويزن تحت جوڙيل ڪور ڪميٽي جي ??يمبرن کي رينٽل پاور پراجيڪٽ ۾ جاچ جي روشني ۾ ملڪ کي وڏي مالي نقصان کان بچائڻ جي حوالي سان خدمتن تي مالي ايوارڊ ڏيڻ، سامونڊي معاملن اري وزارت تحت ڪراچي ڊوڪ ليبر بورڊ جي ??يمبرن جي ??امزدگي، نيشنل ٽرانسميشن اينڊ ڊسپيچ ڪمپني جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي جوڙجڪ، نيشنل هيلٿ سروسز ريگيوليشنز اينڊ ڪوآرڊينيشن واري وزارت کي صحت سهولت پروگرام جي ڊيٽا تصديق جي ڏس ۾ نادرا سان سڌوسنئون 5 سالا معاهدو ڪرڻ جي ??نظوري ڏني وئي آهي. منصوبابندي واري وزير ڪابينا کي ڳڻپ واري وفاقي اداري پاران تازو ئي ڪيل سروي جي بنياد تي ڪورونا وبا جي اثرن جي ??تيجن تي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته اپريل ۾ اٽڪل 2 ڪروڙ آبادي جي آمدني تقريبن ختم ٿي چڪي هئي. حڪومت جي دانشمنداڻي حڪمت عملي، مڪمل لاڪ ڊائون بدران سمارت لاڪ ڊائون جي ??اليسي ۽ اڏاوتن ۽ مينوفيڪچرنگ سيڪٽر ۾ فيصلاسازي جي ڪري 2 ڪروڙ آبادي جي آمدني بحال ٿي. منصوبابندي واري وزير وڌيڪ ٻڌايو ته وزيراعظم جي ??قت سر فيصلي جي ڪري ڪجهه مهينن جي عرصي ۾ اٽڪل 95 سيڪڙو ماڻهو جن جو روزگار ختم ٿي چڪو هو، بحال ٿيو. بعد ۾ ٽرا??سپ??رٽ جو شعبو به کوليو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته لاڪ ڊائون دوران اٽڪل 80 سيڪڙو ماڻهن جو روزگار ڪنسٽرڪشن، 72 سيڪڙو جو مينوفيڪچرنگ جڏهن ته 67 سيڪڙو ماڻهن جو روزگار ٽرا??سپ??رٽ جي شعبن سان واڳيل هو.