اسلام آباد – 11 نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ??هي ته مريم نواز جي تقريرن مان واضح آهي ته اهي شڪست مڃي چڪا آهن، ناڪامي ۽ شڪست انهن جو مقدر آهي، اهي ماڻهو هڪ طرف گلگت بلتستان جي جمهوري عمل ۾ شريڪ آهن پر ٻئي طرف جمهوريت جي خلاف ڳالهيون ڪري رهيا آهن. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز مريم نواز جي خطاب تي پنهنجي ردعمل ۾ چيو ??ه اها آهي انهن جي جمهوريت ۽ آ??ين سان پاسداري. اها سياسي بدحواسي نه آهي ته ٻيو ڇا آهي؟ قوم انهن کي بددعائون ڏئي رهي آهي جن پنهنجا کيسا ڀري عوام کي ڪنگال ڪيو.