قوم اسان کي 5 سالن جو مينڊيٽ ڏنو آهي: وزيراعظم

image
Under portraits of the late Iranian revolutionary founder Ayatollah Khomeini, right, and Supreme Leader Ayatollah Ali Khamenei, Pakistani Prime Minister Nawaz Sharif sits during his meeting with Iranian President Hassan Rouhani in Tehran, Iran, Tuesday, Jan. 19, 2016. (AP Photo/Vahid Salemi)

وزيراعظم جي خصوصي جهاز مان – 06 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته قوم کيس 5 سالن جي مدي لاءِ مينڊيٽ ڏنو آهي، قوم کي مون تي اعتبار آهي ۽ قوم ترقي وارين پاليسين تي پڪو يقين رکي ٿي. هن اهڙن خيالن جو اظهار تاجڪستان جي ٻن ڏينهن جي دوري دوران پاڻ سان گڏ موجود صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته عوام 2018ع ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر سندس پارٽي کي ووٽ ڏئي اقتدار ۾ آڻيندي ڇو ته اها سندس ڪارڪردگي ۽ ان جي زندگين ۾ نمايان تبديلي آڻڻ جي صلاحيت کان چڱي ريت آگاهه آهي. جي آءِ ٽي پاران سندس خاندان جي ميمبرن کان جاري پڇاڳاڇا بابت سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته ڊڄڻ جي ڪا ڳالهه نه آهي ڇو ته اسان جا هٿ صاف آهن. وزيراعظم پڇيو ته منهنجي خلاف ڪهڙا الزام آهن؟ ڇا مون قومي ناڻي کي لٽيو آهي؟ ڇا مون ڪا ڪرپشن يا ڪو ڪڪ بيڪ حاصل ڪيو آهي؟ نواز شريف چيو ته ان شخص جو احتساب ڪيو پيو وڃي جنهن هن ملڪ کي ائٽمي طاقت بڻايو.

مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا بونس