اسلام آباد – 15 مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ??رق?? يافته ملڪن وانگر لاڪ ڊائون نه ٿا ڪري سگهون، هڪ طرف ڪو??ونا ٻئي طرف ان جا معاشي اثر آهن، اسان کي ٻنهي کي منهن ڏيڻو آهي، پاڪستان ۾ لاڪ ڊائون سبب اڍائي ڪروڙ ماڻهن جو روزگار سخت ??تاثر ٿيو جيڪي ڏهاڙي يا هفتي جي آمدني تي گذارو ڪن ٿا، سومر کان رجسٽرڊ ??ير??زگارن کي به منهنجي فنڊ مان روڪ رقم ملڻ شروع ٿي ويندي، مستحقين کي 12 هزار جي امداد اڳ ۾ ئي جاري آهي، صوبا ٽرانسپورٽ کولي ڇڏين ڇو ته ان سان غريب ماڻهو متاثر ٿئي ٿو، حالتون ڪنٽرول ۾ آهن پر ڪو??ونا جا ڪيسز وڌڻ جو خدشو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪو??ونا جي صورتحال جي حوالي سان اجلاس دوران ڳالهائيندي ڪيو.