اسلام آباد – 11 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪاروباري برادري کي هر ممڪن سهولتون ڏيڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، حڪومت ڪاروباري برادري کي وڌيڪ آسانيون ڏيڻ جي لاءِ پرعزم آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اوورسيز انويسٽ??ز چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي م??نيجنگ ڪميٽي سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن اوورسيز انويسٽ??ز چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي صدر شهزاد دادا جي قيادت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي.