اسلام آباد – 29 آڪٽوبر (اي ??ي پي) وزيراعظم جي ناڻي ۽ اوڳاڙين بابت صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ سان ٽيڪسٽائي?? ايڪسپورٽرز جي وفد ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ڪامرس، ٽيڪسٽائيل ۽ انڊسٽري وارو صلاحڪار عبدالرزاق دائود، ايف بي آر چيئرمين شبر زيدي، ٽيڪسٽائيل ٽاسڪ فورس جو سربراهه حسن بشير، فنانس سيڪريٽري نويد ڪامران بلوچ ۽ ا??پيشل فنانس سيڪريٽري عمر حميد خان پڻ موجود هئا. ناڻي واري صلاحڪار عبدالحفيظ شيخ ٽيڪسٽائي?? ايڪسپورٽ سيڪٽر جي جولاءِ ?? آگسٽ جي سيلز ٽيڪس ريفنڊ جي ڪليمز فارم ايڇ بدران پراڻي اي ار ايس نظام تحت ڀرڻ ۽ ا??ا ڪرڻ جو وفد جو مطالبو تسليم ڪري ورتو.