ڪراچي-21 ??وم??ر (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي ??يئرمين بلاول ڀٽو زرداري خيبرپختونخوا جي ضلعي ڪرم ۾ مسافر گاڏين تي فائرنگ جي مذمت ڪندي واقعي ۾ قيمتي جانيون ضايع ٿيڻ تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. بلاول هائوس جي ميڊي?? سيل مان جاري بيان موجب بلاول ڀٽو زرداري چيو ته معصوم شهرين کي نشانو بڻائڻ انتهائي بزدلاڻو عمل ۽ بربريت آهي. هن چيو ته واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي قانون جي ??رفت ۾ آندو وڃي، امن امان جو قيام حڪومت جي اولين ذميداري آهي، شهرين جي جان ۽ مال جو تحفظ ڪيو وڃي. بلاول ڀٽو زرداري واقعي ۾ شهيد ٿيل شهرين جي ??ٽنبن سان دلي تعزيت ۽ يڪجهتي جو اظهار پڻ ڪيو.