اسلام آباد – 19 فيبروري (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چين جي نئين سال جي تقريبن جي حوا??ي سان اسلام آباد ۾ منعقد هڪ تقريب ۾ شرڪت ڪئي جنهن ۾ هن چين جي حڪومت، سياسي قيادت ۽ عوام لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. هن چيو ته پاڪستان ۽ چين خطي جي خوشحالي ??اءِ گڏيل ويزن رکن ٿا ۽ انهي جذبي تحت ٻنهي ملڪن سي پيڪ جهڙي اهم اقتصادي منصوبي کي وٺي اڳتي وڌي رهيا آهن ته ج??ين علائقائي سطح تي را??طا??اري جي ذريعي امن، ترقي ۽ سلامتي جي خواب کي شرمنده تعبير ڪري سگهجي.