اسلام آباد – 08 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪ ۽ قوم جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ معياري ت??ليم جي فراهمي اهم حيثيت رکي ٿي، ان حوالي سان موقعا فراهم ڪرڻ موجوده حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. هو هتي خي??رپ??تونخوا صوبي ۾ هائير ايجوڪيشن جي فروغ جي حوالي سان قدمن جي جائزي اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ تعليم وارو وزير شفقت محمود، اطلاعات ۽ نشريات وارو وزير سينيٽر شبلي فراز، خي??رپ??تونخوا جو گورنر شاهه فرمان، خي??رپ??تونخوا جو وڏو وزير محمود خان، هائير ايجوڪيشن ڪميشن جو چيئرمين طارق بنوري، خي??رپ??تونخوا جي وڏي وزير جو صلاحڪار خليق الرحمان، خي??رپ??تونخوا جو چيف سيڪريٽري ۽ خي??رپ??تونخوا جي مختلف يونيورسٽين جا موجوده ۽ اڳوڻن وائيس چانسلرز ۽ سينئر آفيسر اجلاس ۾ شريڪ ٿا.