اسلام آباد – 25 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خا?? چيو آهي ته منهنجي ڪنهن سان دشمني نه ??هي، نه ڪنهن کان بدلو وٺڻ چاهيان ٿو، جيستائين ليڊرشپ جو احتساب نه ٿيندو ملڪ اڳتي نٿو وڌي سگهي، امير ۽ غريب جي وچ ۾ وڌندڙ فرق ترقي جي راهه ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ آهي، ڪشمير جو مسئلو پو??ئن?? آف نوريٽرن تي پهچي ويو آهي، ميرٽ ۽ ليڊرشپ جو احتساب جمهوريت جو بنيادي اصول آ??ي، ملڪ ۾ صحيح معنيٰ ۾ احتساب جو عمل نه هليو ته اسان اڳتي نه وڌي سگهنداسين. قومي اسيمبلي ۾ بجيٽ سيشن دوران پنهنجي خطاب ۾ وزيراعظم عمران خا?? ڪورونا وائرس جي وبا کي منهن ڏيڻ لاءِ حڪومتي قدمن ۽ پاليسي، معيشت جي صورتحال، پرڏيهي محاذ تي پاڪستان جي ڪاميابين جو تفصيل سان ذڪر ڪيو.