اسلام آباد – 17 اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ڪرغزستان کان پا??ستاني شاگردن ۽ ٻين شهرين جي واپسي لاءِ سفري انتظام ڪيا پيا وڃن، ٻاهرين ملڪ ڦاٿل سمورن پا??ستانين جا مسئلا حل ڪيا ويندا، پنهنجي هڪ وڊيو پيغام ۾ صدر چيو ته تقريبن 9 هزار شاگرد ڪرغزستان ۾ موجود آهن، اتي رات کان صبح تائين ڪ??في?? لاڳو هوندو آهي جنهن تي سختي سان عملدرآمد ٿي رهيو آهي، ماسڪ کانسواءِ يا غير ضروري طور تي ٻاهر نڪرڻ تي ماڻهو گرفتار ڪيا ويندا آهن، انهن حالتن ۾ پا??ستان کي پنهنجي شهرين جو خيال آهي ۽ انهن جي سهولت لاءِ قدم کنيا پيا وڃن.