اسلام آباد – 13 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ ترڪ صدر رجب طيب اردوان ان عزم کي ورجايو آهي ته پاڪستان ۽ ترڪيءَ هڪ ٻئي جي بنيادي قومي مفادن جي معاملن ت?? گڏيل تعاون جا??ي رکندا، هنن پاڪستان ۽ ترڪيءَ جي وچ ۾ لاڳاپن جي تمام گهڻين صلاحيتن کي مڪمل طور تي سمجهڻ ۽ انهن کي هڪ مضبوط ۽ متحرڪ واپاري ۽ معاشي ??صي??اري ۾ تبديل ڪرڻ جي اهميت تي پڻ زور ڏنو، ٻنهي ملڪن جي صدرن ان ڳال??ه تي پڻ اتفاق ڪيو ته پاڪستان ۽ ترڪي کي اسلام فوبيا سميت امت کي درپيش چئلينجن جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ گڏجي ڪم جا??ي رکڻ گهرجي. ترڪي جي صدر رجب طيب اردوان ايوان صدر ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان ملاقات ڪئي.