اسلام آباد – 09 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ حڪومتي م??اش?? ٽيم ج?? اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ ملڪي م??اش?? صورتحال، ايف بي آر کان لاڳاپيل عدا??تن ۾ التوا ۾ پيل ڪيسن ۾ اڳڀرائي، پرڏيهي ملڪ رهندڙ پاڪستانين طرفان موڪليل مٽاسٽا جي ناڻي جي حوالي سان مراعتن، پاڪستان اسٽيل ملز جي بحالي، معشت جي ثمرن کي عوام تائين پهچ??ئڻ ۽ عوام کي رليف فراهم ڪرڻ سميت ٻيا اهم معاملا غور هيٺ آيا. اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته ملڪي معيشت جي استحڪام جي حڪومتي ڪوششن جا بهتر نتيجا نڪتا آهن، هن چيو ته اقتصاد?? انگن اکرن جي لحاظ سان سنگين مشڪلاتن ۾ گهيريل معيشت ۾ اڄ واضح استحڪام نظر اچي رهيو آهي.