ڪلر سيدان – 11 – آ??سٽ (اي پي پي) ملڪ جي ٻين شهرن وانگر ڪلر سيدان ۾ به پاڪستان جي 75 هين جشن آزادي ڏهاڙي ڊائمنڊ جوبلي جون تقريبون شاندار طريقي سان ملهائڻ جون تياريون شروع ٿي ويون آهن، ان سلسلي ۾ پهرين آ??سٽ کان ئي ڪلر سيدان جي مختلف ب??زا??ن ۾ قومي جهنڊن، جهنڊين، بيجز سميت جديد دور جي هم آهنگ نت نئين ڊيزائن جي شين جي وڪري لاءِ اسٽالز سجايا ويا هئا جڏهن ته ڪلر سيدان جي شهرين پاران گهرن ۽ گاڏين تي سبز هلالي جهنڊو لڳائ?? پاڪستان سان پنهنجي محبت جو والهاڻو اظهار ڪيو پيو وڃي، جشن آزادي ج?? تيارين جي سلسلي ۾ شهرين جو چوڻ هو ته 14 آ??سٽ شاندار طريقي سان ملهائينداسين ان ڏينهن جي مناسبت سان گهرن ک?? پاڪستان جي جهنڊن سان سجايو پيو وڃي، هر شخص پنهنجي سگهه موجب ملڪ سان محبت جو اظهار ڪري رهيو آهي.