اسلام آباد – 20 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان سڄي دنيا ۾ پناهگيرن جي سڀ کان وڏي آبادي جي ميزباني ڪري رهيو آهي، افغان پ??اهگيرن لاءِ عالمي امداد م مسلسل گهٽتائي جي باوجود پاڪستان انهن کي سڀئ?? ممڪنه سهولتون فراهم ڪري رهيو آهي. پاڪستان سڄي دنيا ۾ پناهگيرن جي مسئلن جي پائيدار حل لاءِ عالمي برادري سان گڏجي ڪم ڪندو رهندو، صدر ڊاڪٽر عارف علوي اهڙن خيالن جو اظهار پناهگيرن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. هن چيو ته اهو عالمي ڏينهن پ??اهگيرن جا مسئلا سمجهڻ ۽ انهن جي زندگي جي حالت سمجهڻ جو موقعو فراهم ڪري ٿو، 1979ع کا?? لکين افغان پ??اهگير پاڪستان اچڻ شروع ٿيا، افغانستان جي اندروني حالتن جي ڪري گذريل چئن ڏهاڪن کان اهو سلسلو جاري آهي، هن چيو ته قومي ڪووڊ پروگرام تحت 14 لک رجسٽرڊ افغان پ??اهگيرن ۽ 8.5 لک افغان سٽيزن ڪارڊ ??ول??رز کي ٽيسٽنگ ۽ ويڪسين جون سهولتون به فراهم ڪيون ويون آهن، ان لاءِ پناهگيرن لاءِ پاڪستان جي عزم تي ڪو به شڪ نه هجڻ گهرجي، صدر چيو ته عالمي برادري ان عالمي مقصد لاءِ پاڪستان جي تعاون جو اعترا?? ڪيو آهي، پناهگيرن جي ڀلائي جي لاءِ پاڪستان جي عزم جي بابت ڪو به شڪ نه هجڻ گهرجي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته عالمي برادري به ان سلسلي ۾ پاڪستان جي ڪوششن جو اعترا?? ڪيو آهي، پناهگيرن جو تعلق معاشري جي سڀ کان وڌيڪ ڪمزور طبقن سان آهي. انهن جي مسئلن جو حتمي حل انهن جي اباڻي ملڪن ۾ امن ۽ استحڪام جو قيام آهي ته جيئن هو عزت ۽ وقار سان پ??هنجي ملڪ واپس وڃي سگهن، صدر چيو ته پاڪستان سڄي دنيا ۾ پناهگيرن جي مسئلن جي پائيدار حل لاءِ عالمي برادري سان گڏجي ڪم ڪندو رهندو.