اسلام آباد – 10 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته گذريل چار س??ل ملڪ تي اهڙو ٽولو مڙهيل رهيو جنهن سرڪاري ملاز??ن ۽ عوام کي مهانگائي جي چڪي ۾ پيڙهيو، وزيراعظم سرڪاري ملازمن جي مشڪلاتن کي ڏسندي انهن جي پگهار ۾ 15 سيڪڙو اضافو ۽ ايڊهاڪ ??ليف ضم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، اڄ بجيٽ ۾ پينشنرز لا??ِ به وڏو اعلان ٻڌڻ لا??ِ ملندو، مشڪل حالتن ۾ اهڙو بجيٽ پيش ڪري رهيا آهيُون جنهن ۾ ملڪ ۾ صنعت، ڪاروبار ۽ واپار کي فروغ ملندو. اهڙن خيالن جو اظهار احتجاج ڪندڙ سيڪريٽريٽ ملازمن سان ملاقات جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. وفاقي وزير چيو ته اڄ اتحادي حڪومت اقتدار ۾ آهي جنهن ۾ سموريون پارٽيون غريب عوام ۽ وچولي طبقي جي ڀلائي جو سوچ رهي آهي، هن چيو ته مشڪل حالتن ۾ اهڙو بجيٽ پيش ڪري رهيا آهيون جيڪو غريب ۽ وچولي طبقي لا??ِ رليف جو باعث بڻجندو، بجيٽ سان ملڪ جي اندر صنعت، ڪاروبار، واپار ۽ زراعت کي فروغ ملندو، هن چيو ته ناڻي واري وزارت سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 10 سيڪڙو اضافي جي تجويز پيش ڪئي هي جنهن کي وزيراعظم رد ڪري ڇڏيو ۽ ڪابينا جي منظوري سان سرڪاري ملازمن کي رليف فراهم ڪندا رهنداسين، هن چيو ته آءِ ايم ايف جي سخت شرطن جي باوجود اڄ حڪومت ۽ وزيراعظم غريب عوام جو سوچي رهيا آهن، اڄ پارليامينٽ ۾ جيڪا بجيٽ پيش ڪئي پئي وڃي ۽ اها غريب دوست بجيٽ آهي، ملڪ ۾ نظر ايندو ته معاشي استحڪام ڪهڙي طرح پيدا ڪيو ويندو آهي، هن چيو ته 2018ع ۾ جيڪا معيشت عمران خان کي ملي هئي، هن ان معاشي بدحالي ۾ بدلايو، حڪومت مشڪل معاشي حالتن جي باوجود عمران خان جي ڏنل مهانگائي ۽ بيروزگاري کان عريب عوام کي بچايو آهي، اها بجيٽ ملڪ کي معاشي استحڪام طرف وٺي ويندي، غريب ماڻهو کي رليف ملندو، صنعت، ڪاروبار ۽ واپار کي فروغ ملندو، هن چيو ته بجيٽ ۾ زراعت، آءِ ٽي، صنعت، فوڊ سيڪيورٽي ۽ نوجوانن لا??ِ تاريخي اعلان ڪيا ويندا، هن چيو ته هاڻي اهو وقت ختم ٿي ويو آهي جڏهن سرڪاري ملازم رستن تي هجن ۽ وزيراعظم سڪون جي ننڍ سمهي رهيو هجي، هن چيوت ه عمران خان جي نالائقي، نااهلي، چوري ۽ ڪرپشن جي ڪري اڄ ملڪ مشڪل صورتح??ل مان گذري رهيو آهي، ملڪ کي ان صورتح??ل مان ڪڍڻ لا??ِ عوام ۽ڪاروباري طبقن کي حڪومت جو ساٿ ڏيڻو پوندو، وفاقي وزير چيو ته سرڪاري ملازمن ثابت قدم رهن، حڪومت صرف ۽ صرف انهن جي ڀلائي جو سوچي رهي آهي، هن چيو ته اڄ وزيراعظم سرڪاري ملازمن سان انهن جي ڏک ۽ تڪليف ۾ بيٺل آهي، هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف ملڪ ۾ معاشي استحڪام لا??ِ ڪم ڪري رهيو آهي.