اسلام آباد – 20 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪ??تا?? جي نئين حڪومت جي فوري ترجيح ملڪ کي درپيش سنگين اقتصادي چئلينجن کي منهن ڏيڻ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن آمريڪا جي دوري جي موقعي تي نيويارڪ ۾ دوست ملڪ?? جي سفير?? جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. گڏيل قومن ۾ پاڪ??تا?? جي سفير منير اڪرم پاران ڏنل مانجهاندي کي خطاب ڪندي هن چيو ته پاڪ??تا?? سمورن ترقياتي حصيدارن ۽ ڀائر اسلامي ملڪن سان تعاون کي مضبوط بڻائڻ جي ذريعي انهن چئلينجن جو مقابلو ڪرڻ جي اميد رکي ٿو، مانجهاندي ۾ شرڪت ڪندڙن ۾ سعودي عرب، مراڪش، آذربائيجان، ايران?? عمان، اٽلي، مالٽا، ايڪواڊور، مصر، انڊونيشيا، متحده عرب امارات ۽ ڪويت جا سفير به شامل هئا. پرڏيهي وزير پنهنجي ريمارڪس ۾ عالمي ۽ علائقائي مسئل?? جي حوالي سان پاڪ??تا?? جي پرڏيهي پاليسي جي ترجيحن جو به خاڪو پيش ڪيو جنهن ۾ افغان??تا??، ڄمون ۽ ڪشمير جي صورتحال، سلامتي ڪائونسل ۾ سڌارن کانسواءِ مهانگائي ۽ خوراڪ جي حفاظت، ڪووڊ – 19 جي وبا، معاشي صورتحال ۽ موسمياتي تبديلي شامل آهن.