اسلام آباد – 18 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پاڪستان ۾ سعودي عرب جي سفير نواف بن سعيدالمالڪي ملاقات ڪئي ۽ وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ سعودي سفير وزيراعظم کي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. هن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اڳ کان موجوده ٻطرفن دوستاڻن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي عزم جو ??ظه??ر ڪيو. وزيراعظم واپار، سيڙپڪاري ۽ اسٽريٽجڪ لاڳاپن جي شعبن ۾ سعودي عرب سان تعاون ??ي فروغ تي زور ڏنو. ان کا??سو??ءِ هن تعليم، صحت، انفارميشن ٽيڪنالاجي، متبادل ٻارڻ ۽ صاف توانائي ??ي فروغ لاءِ سعودي عرب جي تجربي مان فائدو کڻڻ جي عزم جو پڻ ??ظه??ر ڪيو.