اسلام آباد – 18 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف ميٽرو بس سروس جي افتتاح کا??پوءِ پشاور موڙ کا?? ايئرپورت تائين ميٽرو بس ۾ سفر ڪيو. ان موقعي تي ترڪ سفير اح??ان مصطفيٰ، چين جي ناظم الامور کا??سواءِ مسلم ليگ (ن) جا اڳواڻ ڊاڪٽر طارق ??ضل چوڌري، شڪيل اعواڻ، ملڪ ابرار احمد، انجم عقيل خان، مفتاح اس??اعيل، مريم اورنگزيب، قومي اس??مبلي ميمبر محسن داوڙ ۽ سي ڊي اي، اين ايڇ اي ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جا آفيسر پڻ ساڻس گڏ هئا. وزيراعظم مختلف ميٽرو اس??يشنن ۽ روٽ جو جائزو ورتو ۽ مسافرن کي بهتر سهولتن جي فراهمي لاءِ لاڳاپيل آفيسرن کي هدايتون جاري ڪيون.