اسلام آباد – 08 – مارچ (اي پي پي) سينيٽ چي??رمين محمد صادق سنجراڻي چيو آهي ته پاڪستان ازبڪستان سان پنهنجي ڀا??را??ي لاڳاپن کي اهميت ڏي ٿو، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تاريخي، مذهبي ۽ ثقافتي لاڳاپا آهن، پاڪستان ازبڪستان سان ويجهي ڀا??را??ي لاڳاپن کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. اهڙن ??يالن جو اظهار هن ازبڪستان جي سفير ايبڪ عارف عثمانوف سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن پارليامينٽ هائوس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سينيٽ چي??رمين چيو ته پاڪستان ازبڪستان سان پنهنجي ڀا??را??ي لاڳاپن کي اهميت ڏي ٿو، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تاريخي، مذهبي ۽ ثقافتي لاڳاپا آهن، هن چيو ته پاڪستان ازبڪستان سان ويجهي ڀا??را??ي لاڳاپن کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. ازبڪستان وچ ايشيائي ملڪن جو اهم ملڪ آهي ۽ پاڪستان ۽ ازبڪستان جي وچ ۾ معيشت، دفاع، ثقاف??، تعليم، واپار ۽ سياحت جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي سخت ضرورت آهي.