اسلام آباد – 24 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي بئنڪنگ محتسب پاران سال 2021ع دوران بئنڪنگ فراڊ بابت 37000 کان وڌيڪ ڪيسن ۾ کات??دا??ن کي 709 ملين رپين جي ريليف جي ??راهمي تي اطمينان جو اظهار ڪندي بئنڪ صارفين کي انصاف جي تيز رفتار فراهمي کي يقيني بڻائڻ جي ??اءِ محتسب جي ??يصلن تي عملدرآمد جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. پاڪستان جي بئنڪنگ محتسب محمد ڪامران شهزاد ايوان صدر ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان ملاقات ڪئي ۽ اداري جي سالياني رپورٽ 2021ع پيش ڪئي. هن صدر کي بئنڪنگ محتسب جي اداري جي ڪارڪردگي ۽ ڪاميابين کان آگاهه ڪيو. هن ٻڌايو ته پاڪستان جي بئنڪنگ محتسب گذريل سال دوران بئنڪنگ فراڊ بابت 37000 کان وڌيڪ معاملن ۾ کات??دا??ن کي 709 ملين رپين جو ريليف فراهم ڪيو آهي. صدر پاڪستان جي بئنڪنگ محتسب جي ڪارڪردگي تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ بئنڪ صارفين کي انصاف جي تيز رفتار فراهمي کي يقيني بڻائڻ جي ??اءِ محتسب جي ??يصلن تي عملدرآمد جي ضرورت تي زور ڏنو. بئنڪنگ محتسب بريفنگ ۾ ٻڌايو ته 2021ع دوران 33196 نيون شڪايتون مليون جڏهن ته ان کان اڳ گذريل سال جي التوا هيٺ شڪايتن جو انگ 4168 آهي. مجموعي 37364 شڪايتن مان 18000 کان وڌيڪ شڪايتون وزيراعظم پاڪستان سٽيزن پورٽل جي ذريعي مليون. هن وڌيڪ چيو ته ڪل 37364 شڪايتن مان 25231 شڪايتن کي فوري طور ي مصالحت جي ذريعي حل ڪيو ويو جڏهن ته 437 شڪايتن جي باقاعده ٻڌڻي کانپوءِ فيصلو ڪيو ويو. گذريل سال دوران ڪل شڪايتن مان 87 سيڪڙو کي اڪلايو ويو هو ۽ موجوده شڪايتن جي انتظام جي ??ظام کي بهتر بنائڻ جي ??اءِ ڪوششون ڪيون ويون آهن ته جيئن ان شرح کي 100 سيڪڙو تائين وڌائي سگهجي. صدر بئنڪنگ محتسب جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي چيو ته بئنڪنگ محتسب جو ادارو بئنڪ فراڊ جي ??تاثرين کي خاص طور تي اليڪٽرانڪ فنڊز جي ??نتقلي جي گهپلن جي ??عاملن ۾ سستو ۽ فوري انصاف فراهم ڪرڻ ۾ قدر جوڳو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. هن بئنڪنگ محتسب پاران فراهم ڪئي ويندڙ خدمتن بابت ميڊيا جي ذريعي آگاهي پيدا ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ته جيئن وڌ کان وڌ ماڻهو بئنڪ عملدارن جي بدانتظامي جي خلاف ان جي خدمتن مان فائدو کڻي سگهن. صدر محتسب کي اداري کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ پنهنجي تعاون جو يقين ڏياريو ته جيئن کات??دا??ن جي شڪايتن جو فوري ازالو ڪري سگهجي.