اسلام آباد – 03 فيبروري (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري چيو آهي ته نوجوان ملڪ جو قيمتي اثاثو آهن ۽ روشن مستقبل آهن، اسان تي الله جو ڪرم آهي ته ??سان جي آبادي جو 60 سيڪڙو کان وڌيڪ حصو نوجوانن تي مشتمل آهي، نوجوانن کي جديد ٽيڪنالاجي سان ل??س ڪرڻ جي ضرورت آهي ته ??يئن هو ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري سگهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ”نيشنل ايڪسپوزر وزٽ آف ينگ پيس ايڪٽيوسٽ“ جي پراجيڪٽ تحت پارليامينٽ هائوس جو دورو ڪندڙ سڄي ملڪ جي مختلف يونيورسٽين جي شاگردياڻين ۽ شاگردن کي خطاب ڪندي ڪيو. ڊپٽي اسپيڪر چيو ته ??لله تعاليٰ پاڪستان کي 60 سيڪڙو کان وڌيڪ نوجوانن تي مشتمل آبادي سان نوازيو آهي تنه?? ڪري ملڪ کي ترقي ۽ خوشحالي جي راهه تي گامز?? ڪرڻ نوجوانن جو بنيادي هدف ۽ اولين ترجيح هجڻ گهرجي. هن چيو ته هڪجهڙو تعليمي نصاب نوجوانن جي ذهنن ۾ هڪجهڙن نظرين جي اوسر جي راهه هموار ڪندو. ڊپٽي اسپيڪر چيو ته نظم ۽ ضبط ۽ محنت زندگي ۾ هدفن کي حاصل ڪرڻ لاءِ اهم عمل آهن. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان ترقي ۽ خوشحالي جو ويزن رکي ٿو ۽ سندس ويزن علامه محمد اقبال ۽ قائداعظم محمدعلي جناح جي خواب کي عملي جامو پارائڻ آهي جنهن جو مقصد نوجوانن کي خود مختيار بڻائڻ هو. هن چيو ته هي ملڪ ٻه قومي نطريي تي قائم ٿيو هو ۽ ان جو بنيادي مقصد هڪ اهڙي رياست جو قيام هو جتي مسلمان پنهنجي عقيدت ۽ رسم رواج موجب زندگي گذاري سگهن ۽ اسلام جي حقيقي سڃاڻپ کي دنيا ۾ ??جا??ر ڪري سگهن، هن چيو ته ??سلام امن، سلامتي ۽ انصاف جو مذهب آهي.