گوادر – 20 جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علو??، بيگم ثمينه علوي سان گڏ ٻن ڏينهن جي دوري تي گوادر پهچي ويو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب گورنر سيد ظهور احمد آغا ۽ بلوچستان جي وڏي وزير عبدالقدوس بزنجو گوادر ايئرپورٽ تي صدر جو استقبال ڪيو. قومي اسيمبلي جو ڊپٽي اسپيڪر قا??م خان سوري به ساڻس گڏ هو.