اسلام آباد – 11 – نومبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم ??اه?? محمود قريشي چيو آهي ته افغانستان معاشي تباهي جي ڪناري تي بيٺل آهي، عا??مي برادري منجمند وسيلن تا??ين پهچ ۽ هنگامي بنيادن تي انساني امداد جي فراهمي کي يقيني بڻائي، طالبان رابطن ۾ دلچسپي رکن ٿا، اهي چاهين ٿا ته دنيا انهن کي تسليم ڪري ۽ انهن جي مدد ڪري، عا??مي برادري ماضي جون غل??يو?? ورجائڻ کان بچي ۽ مثبت رابطو جاري رکي، پاڪستان ۽ افغانستان گڏيل ورثو ۽ تاريخ رکن ٿا، افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام ويجهي ترين پاڙيسري جي طور تي پاڪستان جي سڌوسنئون مفاد ۾ آهي. هو ٽرائيڪا پلس جي افتتاحي اجلاس کي خطاب ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ چين، پاڪستان، روس ۽ آمريڪا جا نمائندا خصوصي طور شريڪ ٿيا. پرڏيهي وزير چيو ته افغانستان سان رابطو نه رڳو بحال رهڻ گهرجي پر ڪيترن ئي سببن جي بنياد تي ان ۾ اضافو ٿيڻ گهرجي ته جيئن ٻيهر هي ملڪ گهرو ويڙهه جي ور نه چڙهي، ڪير به ٻيهر ا??ين ڏسندي ٿيڻ نه ٿو چاهي، معاشي تباهي جو به ڪو خواهشمند نه آهي، جنهن سان عدم استحڪام وڌندو، هر ڪو اهو چاهي ٿو ته افغانستان جي اندر فعال دهشتگرد عنصرن کي موثر انداز ۾ منهن ڏنو وڃي ۽ پناهگيرن جي هڪ ن??ين بحران کان بچيو وڃي. افغانستان بابت اسان سڀني جي ڳ??تي ۽ فڪرمندي گڏيل آهي جڏهن ته اتي امن ۽ استحڪام اسان سڀني جي گڏيل مفاد ۾ آهي. انهن سڀني کي حاصل ڪرڻ اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي. پرڏيهي وزير چيو ته ان صورتحال ٽرائيڪا پلس نمايان اهميت حاصل ڪري ورتي آهي ۽ ان جو اهم ڪردار آهي جيڪو ان کي ادا ڪرڻو آهي. اسان پراعتماد آهيون ته ٽرائيڪا پلس جي ن??ين افغان حڪومت سان امن ۽ استحڪام جي فروغ، پائيدار معاشي ترقي ۾ مددگار ثابت ٿيندو ۽ ان سان گڏوگڏ افغانستان جي اندر سرگرم دهشتگردن جي لاءِ گنجائش محدود ٿي ويندي. ??اه?? محمود قريشي چيو ته افغانستان هن وقت معاشي تباهي جي ڪناري تي بيٺل آهي، عا??مي مالي امداد جي نه هجڻ سبب پگهارن جي ادائيگي تا??ين ۾ مشڪلاتون اچي رهيون آهن.