اسلام آباد – 28 – مئي (اي پي پي) ناڻي ۽ روينيو واري وفاقي وزير شوڪت ترين جي ورچوئل صدارت ۾ ڪابينا جي نجڪاري بابت ذيلي ڪميٽي (سي سي او پي) جي اجلاس ۾ نيشنل پاور پارڪس ميينجمينٽ ڪمپني لميٽڊ (اين پي پي ايم سي ايل) جي نجڪاري تي اڳڀرائي جو ??ائزو ورتو ??يو. ناڻي واري وزارت پاران جاري پريس رليز موجب ناڻي واري وفاقي وزير جي ورچوئل صدارت ۾ ڪابينا جي نجڪاري بابت ذيلي ڪميٽي جو ??جلاس هتي فنانس ڊويزن ۾ منعقد ٿيو، اجلاس ۾ نجڪاري وارو وفاقي وزير، وزيراعظم جو ??داره جاتي سڌارن وارو صلاحڪار، پاور بابت خاص مددگار، ايف بي آر چيئرمين ۽ ناڻي ۽ روينيو ??ابت خاص مددگار شرڪت ڪئي، جڏهن ته پاور، پيٽروليم ۽ نجڪاري جي سيڪريٽرين به شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ نيشنل پاور پارڪس مينيجمينٽ ڪمپني لميٽڊ جي نجڪاري تي ٿيندڙ اڳڀرائي جو ??ائزو ورتو ??يو ۽ ان حوالي سان ڪابينا جي توانائي بابت ڪميٽي، ڪابينا جي نجڪاري بابت ڪميٽي ۽ سي سي سي جي فيصلن تي عملدرآمد جو ??ه جائزو ورتو ??يو.