فيصل آباد – پهرين مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير ميان ??رخ حبيب چيو آهي ته ڪورونا وبا سڄي دنيا جي ملڪن کي بري طرح متاثر ڪيو پر اسان ان دوران ??وثر پاليسيون جوڙيون ۽ ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ طبقي کي روزگار جي فراهمي جاري رکڻ جي لاءِ سمارٽ لاڪ ڊائون جي پاليسي اختيار ڪئي وئي اهو ئي سبب آهي جو ڪورونا وبا دوران جتي عالمي سطح تي سموريون معاشي سرگرميون مفلوج ٿي ويون اتي پاڪستان ۾ صنعت ۽ واپار جو ڦيٿو هلندو رهيو جڏهن ته ٽيڪسٽائيل جي صنعت جي بحالي لاءِ ترجيحي بنيادن تي انقلابي قدم کنيا ويا جنهن سان سڌوسنئون روانگي واپار ۾ اضافو ٿيو ۽ بيروزگاري ۾ گهٽتائي ٿي، ٻئي طرف اربين رپين جي آسان ??رضن جي فراهمي سان گڏوگڏ ريفنڊز جي رقم به ادا ڪئي وئي، ان کانسواءِ وزيرا??ظم عمران خان چونڊ سڌارن جي لاءِ پرعزم آهي ۽ اسان ??خالف ڌر کي آڇ ڪريون ٿا ته اها هر اليڪشن کانپوءِ ڌانلي جو گوڙ ڪرڻ بدران ??ارليامينٽ ۾ ويهي چونڊ سڌارن کي يقيني بڻائي ته جيئن اهڙا چونڊ سڌارا آڻي سگهجن ۽ اي ووٽنگ جو طريقيڪار اختيار ڪيو وڃي ته جيئن ڪنهن کي به هڪ ٻئي تي ڌانڌلي جو الزام لڳائڻ جو موقعو نه ملي سگهي. سرڪٽ هائوس فيصل آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته احساس ??رو??رام ذريعي ملڪ ۾ سماج?? تحفظ جو سڀ کان ??ڏو ??رو??رام شروع ڪيو ويو ۽ پهري??ن ڀيرو غربت جي سطح کان ??يٺ زندگي گذاريندڙن کي ميرٽ تي مڪمل شفافيت سان ??الي امداد جي فراهمي يقيني بڻائي وئي.