لاهور ?? 06 ??ومبر (اي پي پي) پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار سان سندس آفيس ۾ پرڏيهي وزير شاهه محمود ??ريشي ملاقات ڪئي، جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن، سياسي صورتحال ۽ ڏکڻ پنجاب سيڪريٽريٽ جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. عثمان بوزدار ۽ شاهه محمود ??ريشي ادارن کي تڪراري بڻائڻ جي ناپاڪ مهم جي شديد مذمت ڪئي، ٻنهي اڳواڻن ان عز?? جو اظهار ڪيو ته ادارن جي خلاف هر سازش جو ڄمي مقابلو ڪيو ويندو ۽ قومي ادارن جي وقار تي ڪو به حرف اچڻ نه ڏينداسين، ??نجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار چيو ته پاڪستان جا ادارا سڀني جي لاءِ قابل احترام آهن، ??خصوص ايجنڊا تحت ادارن کي نشانو بڻائڻ انتهائي افسوسناڪ ڳالهه آهي، افراتفري پکيڙڻ جي ڪوشش ڪندڙ عنصر دشمن جي ايجنڊا تي هلي رهيا آهن، ??ايوسي جو شڪار مخالف ڌر عوام کي گمراهه نٿي ڪري سگهي. ڏکڻ پنجاب سيڪريٽريٽ ۾ مختلف کاتن جي سيڪريٽريز عوام کي سروسز فراهم ڪري رهيا آهن، ڏکڻ پنجاب سيڪريٽريٽ کي انتظامي ۽ مالياتي لحاظ کان خودمختياري ڏني وئي آهي. پرڏيهي وزير شاهه محمود ??ريشي چيو ته قومي ادار?? سان گڏ بيٺل آهيون ۽ بيٺل رهنداسين، ادارن جي خلاف بيان بازي ڪندڙ ملڪ ۽ قوم جا خيرخواه نه آهن.