اسلام آباد – 23 آڪٽوبر (اي پي پي) ڪشميري ح??يت اڳواڻ ياسين ملڪ جي گهرواريءَ ۽ پيس اينڊ ڪلچر آرگنائيزيشن جي چيئرپرسن مشعال ملڪ چيو آهي ته ڪشمير ڪ??ز تي سموريون سياسي پارٽيون متحد آهن، ڀارت پاڪستاني سياسي پارٽين کي ورهائڻ چاهي ٿو، ڪرپشن جي خلاف ج??سا ڪرڻ ۽ ووٽ کي عزت ڏيڻ تي جلسا ڪندڙ ڪشمير مسئلي تي فوڪس ڪن، ڀارت کان شمله معاهدي بعد ڳالهين جا ڪيترائي دور ڏسي ورتا، ڪشمير مسئلو گڏيل قومن جي قراردادن سان حل ڪرائڻو پوندو. اسلام آباد کان راولپنڊي پريس ڪلب تائين ڪڍيل ڪشمير ريلي کانپوءِ شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي مشعال ملڪ چيو ته ڪشمير ڪ??ز تي سموريون سياسي پارٽيون متحد آهن، ڀارت ۾ هندو توا ۽ آر ايس ايس جو راڄ آهي، ڪشمي??ي اڳواڻ ٻيڙيون ساڙي چڪا آهن هاڻي آزادي کانسواءِ ڪجهه نه، سمورا ڪشميري گرفتار اڳواڻن کي آزاد ڪيو وڃي، ياسين ملڪ تهاڙ جيل جي ڊيٿ سيل ۾ آهي، علي گيلاني جي حالت گهڻي خراب آهي، ڪشميري ح??يت پسند اڳواڻن ۽ قائداعظم جهڙا ليڊر صدين ۾ پيدا ٿيندا آهن، ڪشميري 8 لک فوج جي گهيراءُ ۾ آهن.