طبي بنيادن تي ضمانت جو مطلب ڪيسن مان بريت ناهي ٿي: ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ

image
APP26-16 ISLAMABAD: December 16 - Special Assistant to the Prime Minister on Information and Broadcasting, Dr. Firdous Ashiq Awan addressing during launching ceremony of Pakistan Information Commission Website at Information Service Academy. APP photo by Afzaal Chaudhry

اسلام آباد – 16 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان سوئٽزرلينڊ جي دوري تان واپسي تي ڪوالالمپور ڪانفرنس ۾ شرڪت جي حوالي سان حتمي فيصلو ڪندو، نواز شريف کي طبي بنيادن تي ڏنل ضمانت جي 4 هفتن ۾ ڪجهه ڏينهن باقي آهن، آصف علي زرداري خلاف 11 ريفرنسز ۽ 14 انڪوائريون هلي رهيون آهن اڃان ته 40 سالن جو حساب وٺڻو آهي، طبي بنيادن تي ضمانت جو مطلب ڪيسن مان بريت ناهي ٿي، احتساب ڪندڙ ادارو زنده ۽ ڪرپٽ ماڻهن جا مفاد مرڻ شروع ٿي ويا آهن،. هُوءَ انفارميشن سروسز اڪيڊمي ۾ سسٽين ايبل سوشل ڊولپمينٽ آرگنائيزيشن (ايس ايس ڊي او) جي سهڪار سان جوڙيل پاڪستان انفارميشن ڪميشن جي ويب سائيٽ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪري رهي هئي.

مضمون کا ماخذ : تعداد بہت زیادہ ہے۔