وزيراعظم عمران خان ۽ چين جي صدر شي جن پنگ جي ملاقات

image
APP27-02 BEIJING: November 02 - Prime Minister Imran Khan shaking hand with Chinese President Xi Jinping upon arrival at the Great Hall of the People. APP

بيجنگ – 02 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ۽ چين جي صدر شي جن پنگ جي ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن سي پيڪ تي اڳڀرائي جو جائزو وٺندي ان جي ڪاميابين تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ پاڪستان جي لاءِ وڌ کان وڌ فائدن جي لاءِ ان کي جلد مڪمل ڪرڻ جو عزم ڪيو آهي، ٻنهي اڳواڻن پاڪ چين ٻطرفن لاڳاپن جو جائزو ورتو، گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ وڌندڙ سياسي ۽ اقتصادي بي يقيني واري حالتن تي ضابطو آڻڻ جي حوالي سان گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. ٻنهي اڳواڻن جي ملاقات پيپلز گريٽ هال ۾ ٿي. ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪستان گڏيل مفادن جي تحفظ، گڏيل تصورن ۽ ڊگهي مدي واري نظام جي فروغ لاءِ چين سان گڏ بيٺل آهي، غربت جي خاتمي ۽ بدعنواني جي خاتمي جي شعبن ۾ چين جي تجربن مان سکڻ جا خواهشمند آهيون.

مضمون کا ماخذ : resultados loteria Bahia