اسلام آباد – 08 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر سان پاڪستان ۾ آذربائيجان جي سفير علي عليزاده ملاقا?? ڪئي جنهن ۾ ٻه طرفي لاڳاپن سميت خطي جي مجموعي صورتح??ل ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، اسپيڪر چيو ته پاڪستان ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ پائيدار سفارتي لاڳاپا هموار آه??، پاڪستان آذربائيجان سان لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جو خواهشمند آه??. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ نه رڳو ثقافتي، مذهبي ۽ جاگرافيائي هڪجهڙائي آه?? پر علائقائي ۽ عالمي معاملن تي هڪجهڙو موقف رکن ٿا، پاڪستان ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ معاشي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جا موقعا موجود آه??. قومي اسيمبلي ۾ قائم پاڪ آذربائيجان پارلياماني دوست گروپ پارلياماني رابطن ۾ اضافي جي لاءِ مناسب فورم ثابت ٿي سگهي ٿو. ڪشمير جي مسئلي جو ڪشميري عوام جي خواهشن موجب حل خطي ۾ پائيدار امن جي قيام لاءِ اڻٽر آه??.