اسلام آباد – 19 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ملڪ ۾ سياحتي م??ڳن جي فروغ ۽ تعمير ۽ ترقي لاءِ حڪمت عملي ۽ منصوبابندي جي فوري آغاز جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ملڪ ۾ مختلف قسم جي سياحت جي فروغ سان معاشي عمل ۾ تيزي ايندي ۽ مقامي آبادين جي لاءِ نوڪرين ۽ روزگار جا موقعا به ميسر ايندا. ان حوالي سان سرڪاري ملڪيتي عمارتن کي م??بت انداز ۾ استعمال ۾ آڻڻ جي لاءِ به کنيل قدمن کي وڌيڪ موثر بڻايو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ملڪ ۾ سياحت جي فروغ لاءِ کنيل قدمن جي حوالي سان اعليٰ سطحي جائزي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو، اجلاس ۾ بحري م??املن واري وزير سيد علي حيدر زيدي، پن??اب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار، خيبرپختونخوا جي وڏي وزير محمود خان، خاص مددگار ليفٽيننٽ جنرل (ر) عاصم سليم باجوه، سيد ذوالفقار عباس بخاري، ڊاڪٽر شهباز گل، پن??اب جي وڏي وزير جي صلاحڪار آصف محمود، صوبائي چيف سيڪريٽريز ۽ ٻين سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي.