اسلام آباد – 27 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشر??ات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته وزيراعظم عمران خ??ن جي قيادت ۾ عوام جي خوشحالي ۽ ترقي جي ايجنڊا کي پوري قوت سان اڳتي وڌائينداسين، سياسي طوفان برپا ڪرڻ جي خواهش رکندڙن جي ارمانن تي ڪڪر ڇائنجي ويا آهن، جمهوري اختلاف کي سازش جو رنگ ڏيندڙ سياسي مخالفن کي اطلاع هجي ته حڪومت پنهنجي اتحادين جي حمايت سان گڏ نه رڳو مستحڪم آه?? پر جمهوري اختلاف کي جمهوري انداز ۾ سلجهايو ??يو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم جي خاص مددگار چيو ته مسئلن ۽ محرومين جو شڪار سنڌ جي لاءِ وزيراعظم عمران خ??ن خوشخبري بڻجي ڪراچي ويو.