ڪوئيٽا – 23 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته بلوچستان جي عوام حڪومت ۽ سيڪيورٽي فورسز سان گڏجي پاڪستان کي غير مستحڪم ڪرڻ جي پرڏيهي سازشن کي مٽي ۾ ملائي ڇڏيو آهي، وزيراعظم عمران خان جو صاف موقف آهي ته پاڪستان خطي ۾ ڪنهن جنگ جو ح??و نه بڻجندو، پنهنجي خودمختياري ۽ قومي مفاد کي ٻين جي مفاد ??اءِ هرگز قربان نه ڪنداسين، وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ بلوچستان سان ماضي ۾ ٿيندڙ ناانصافين کي ختم ڪري هر مرحلي تي انصاف جي فراهمي کي ي??ين?? بڻائينداسين، وفاقي حڪومت پوري قوت سان پنهنجي اتحادي پارٽين ۽ بلوچستان جي وڏي وزير ڄام ڪمال سان گڏ بيٺل آهي، اها ??الهه هن ڪوئيٽا پريس ڪلب جي دوري جي موقعي تي پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪئي.