اسلام آباد – 08 ?? سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته نگران حڪومت سمورن عالمي معاهدن جو احترام ڪري ٿي ۽ انهن تي عملدرآمد جاري ??کندي، حڪومتي خرچ گهٽ ڪرڻ، سيڙپڪاري کي فروغ ڏيڻ، سيڙپڪاري ??ي راهه ۾ ايندڙ ??ڪاوٽن کي ختم ڪرڻ سميت اسمگلنگ جي روڪٿام جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. اها ڳالهه هن ناڻي، توانائي ۽ ڪامرس وارن نگران وفاقي وزيرن سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چئي. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته خصوصي سيڙپڪاري ??هولت ڪائونسل جي ايپڪس ڪميٽي جي ٻن ڏينهن واري ??جلاس جو اڄ پهريون ڏينهن هو، ان اجلاس جو ٻيو سيشن سڀاڻي ٿيندو. هن چيو ته خصوصي سيڙپڪاري ??هولت ڪائونسل (ايس آئي ايف سي) جي ٽن وڏن مقصدن ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي، مائننگ ۽ زراعت تي ڌيان ڏيڻو آهي. هن چيو ته اڄ ايس آئي ايف سي جي ايپڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾ حڪومتي خرچن ۽ گردشي قرضن کي گهٽ ڪرڻ، نجڪاري ??ي عمل کي بهتر بڻائڻ ۽ اسمگلنگ جي روڪٿام سميت ٻين مسئلن تي غور ٿيو. هن چيو ته حڪومتي خرچ گهٽ ڪرڻ جي لاءِ عملي قدم کنيا پيا وڃن جڏهن ته پرڏيهي سيڙپڪاري ??ي حوالي سان رڪاوٽن کي ختم ڪيو ويندو ۽ ويزا پاليسي ۾ به بهتري ??ندي ويندي. هن چيو ته اسمگلنگ جي روڪٿام تي پڻ ڪم ڪيو پيو وڃي. مرتضيٰ سولنگي چيو ته نگران حڪومت سمورن عالمي معاهدن جو احترام ڪري ٿي ۽ انهن تي عملدرآمد جاري ??کندي. هڪ سوال تي هن چيو ته گذريل حڪومت جيڪي فيصلا ڪري وئي آهي، اسان جي قانوني راءِ اها ئي آهي ته اسان انهن تي عملدرآمد ڪنداسين. ايس آئي ايف سي جي ايپڪس ڪميٽي جي فيصلن جي حوالي سان سوال تي اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته اجلاس جاري ??هي، اڄ پهريون ڏينهن هو، ان جو ٻيو سيشن سڀاڻي ٿيندو، ان ۾ ٿيندڙ فيصلن جا سمورا تفصيل ميڊيا آڏو اچي ويندا.