جنيوا -19 ڊسمبر (اي پي پي )صحت جي ع??لمي کاتي (ڊبليو ايڇ او ) اسرائيلي فوج پاران غزه جي ڪما?? عدوان اسپتال کي تباهه ڪرڻ جي سخت مذمت ڪندي غزه ۾ فوري جنگ بندي جو مطالبو ڪيو آهي .ان اسپتال تي اسرائيلي بمباري جي نتيجي ۾ فوتين ۾ علاج هيٺ 8 مريضن سميت 9 سالن جو ٻار به شامل آهي. ڊبليو ايڇ او جي اڳواڻ ٽيڊروس ايڊ هانوم گيبريسس چيو ته غزه ۾ صحت جو نظام پهرين ئي متاثر آهي. ڪما?? عدوان جي اسپتال جي تباهي تمام وڏو ڌچڪو آهي. هن چيو ته غزه ۾ اسپتالن صحت کاتي جي اهلڪارن ۽ مريضن تي حملا ختم ٿيڻ گهرجن جلد جنگ بندي ڪئي وڃ??. هن چيو ته ڊبليو ايڇ او ڪما?? عدوان اسپتال جي ويجهو بي گهر ڪيل ماڻهن جي ڀلائي لاءِ تمام گهڻو فڪر مند آهيان جڏهن ته فلسطيني صحت واري وزارت ان واقعي جي جانچ جو مطالبو ڪيو آهي .