ڪوئٽا-26 آگسٽ (اي پي پي) بلوچستان جي وزيراعليٰ مير سرفر??ز بگٽي موسيٰ خيل ويجهو دهشتگردي واري واقعي جي مذمت ڪندي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. پنهنجي بيان ۾ بلوچستان جي وزيراعليٰ مير سرفراز احمد بگٽي موسيٰ خيل جي علائقي راڙاشم ۾ پيش آيل واقعي جي مذمت ڪندي قتل ٿيل ماڻهن جي خاندانن سان افسوس جو ??ظه??ر ڪيو. هن واقعي جي رپورٽ طلب ڪندي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. هن چيو ته موسيٰ خيل ويجهو دهشتگردن معصوم ماڻهن کي نشانو بڻايو. دهشتگردن ۽ انهن جي سهولتڪارن کي انجام تائين پهچائينداسين. بلوچستان حڪومت دهشتگردن ۽ انهن جي سهولتڪارن جو پيڇو ڪندي. هن بلوچستان ۾ ام?? امان جي صورتحال تي هنگامي اجل??س طلب ڪري ورتو.