اسلام آباد – 21 آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پاڪستاني نوجوان بي پناهه ص??احيتون رکندڙ آهن، نوجوانن کي موقعا فراهم ڪيا وڃن ته ملڪ جو نالو روشن ڪري سگهن ٿا. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار آڪسفورڊ يو??ين سوسائٽي جي نئين چونڊيل صدر اسرار خان ڪاڪڙ سان ڳ??لهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر آصف علي زرداري اسرار خان ڪاڪڙ کي آڪسفورڊ يو??ين سوسائٽي جو صدر چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته بلوچستان مان پاڪستاني نوجوان جو آڪسفورڊ يو??ين جو صدر چونڊجڻ وڏو اعزاز آهي. صدر چيو ته محترمه بينظير ڀٽو آڪسفورڊ يو??ين جي پهرين ايشيائي ??ور?? صدر هئي. آصف علي زرداري چيو ته پاڪستاني نوجوان بي پناهه ص??احيتون رکندڙ آهن، نوجوانن کي موقعا فراهم ڪيا وڃن ته ملڪ جو نالو روشن ڪري سگهن ٿا، اسرار خان جي آڪسفورڊ يو??ين جي صدر چونڊجڻ سان ٻين نوجوانن جي پڻ حوصلا افزائي ٿيندي. صدر ان اميد جو اظهار ڪيو ته اسرار خان مستقبل ۾ پڻ پنهنجي ڪاميابين سان ملڪ جو نالو روشن ڪندا.