جده – 07 – آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جده ۾ اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي غيرمعمولي اجلاس ج?? موقعي تي ملائيشيا جي پرڏيهي وز??ر داتوسيري اتاما حاجي محمد بن حاجي حسن سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس ج?? ترجمان پاران جاري بيان موجب هن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي مثبت رفتار ۽ اسٽريٽجڪ شعبن ۾ مضبوط تعاون جو ذ??ر ڪيو. هن ٻطرفي واپار ۽ سيڙپڪاري، تعيلمي رابطن، افرادي قوت جي صلاحيت وڌائڻ ۽ عوام سان عوام جي رابطن کي وڌائڻ جي پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو.