اسلام آباد – 05 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي ڪشميري عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت جي غيرقانوني ۽ هڪطرفي قدمن ج?? پنجين ورسيءَ جي موقعي تي پاڪستان ج?? عوام ۽ حڪومت سومر ڏينهن استحصال ڏهاڙو ملهايو. بيان موج?? ان موقعي تي صدر، وزيراعظم، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ان موقعي تي خ??وصي پيغامن ۾ ڪشمير ڪاز جي لاءِ پاڪستان ج?? ڀرپور سفارتي، سياسي ۽ اخلاقي حمايت جو ورجاءُ ڪيو. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير گڏيل قومن ۽ اسلامي تعاون تنظيم جي قيادت کي خ?? لکيا ته انهن کي 5 آگسٽ 2019ع کان ڀارتي قدمن ج?? سنگين نتيجن کان آگاهه ڪري سگهجي. هن پنهنجي خ??ن ۾ گڏيل قومن ج?? سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن تي عملدرآمد تي زور ڏنو ته جيئن ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام کي پنهنجي مستقبل جو پاڻ فيصلو ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪري سگهجي. پرڏيهي سيڪريٽري استحصال ڏهاڙي جي سلسلي ۾ 2 آگسٽ تي اسلام آباد ۾ قائم سفارتي مشن کي ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي صورتحال کان آگاهه ڪيو. هن عالمي قانون، امن ۽ سلامتي جي ڏس ۽ انساني حقن ج?? صورتحال جو تجزيو ڪيو. بيان موجب ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي مظلوم عوام سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ سومر ڏينهن ج?? اسلام آباد ۾ ڪانسٽي ٽيوشن ايونيو کان پارليامينٽ بلڊنگ تائين هڪ خصوصي واڪ منعقد ڪئي وئي، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ۽ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن وارو وفاقي وزير ان موقعي تي خ??ص مهمان هئا. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته استحصال ڏهاڙو ملهائڻ جي لاءِ سڄي ملڪ ۾ مختلف سرگرميون منعقد ڪيون پيون وڃن. پاڪستاني ۽ ڪشميري ٻاهرئين ملڪ رهندڙن ج?? فعال شرڪت سان سڄي دنيا ۾ پاڪستان جا سفارتي مشن به ڪشميري عوام جي خ??اب حالت بابت عالمي سطح تي آگاهي پيدا ڪرڻ جي لاءِ خصوصي تقريبن ج?? اهتمام ڪري رهيا آهن.