ڪراچي-03 آگسٽ (اي پي پي)ڪراچي يونيورسٽي ۾ يوم استحصال ”ڪشمير جو بحران“ جي عنوان سان سيمينار 5 آگسٽ تي ٿيندو. جاري پڌرائي مطابق سيمينار جو بندوبست يونيورسٽ?? جي شاگردن جي معاملن واري صلاحڪار آفيس ڪيو آهي، جيڪو صبح 11 وڳي چائنيز ٽيچرز ميموريل آڊيٽوريم ۾ ٿيندو. سيمينار جي صدارت يونيورسٽي جو وائيس چانسلر پروفيسر ڊا??ٽر خالد محمود عراقي ڪندو جڏهن ته اڳوڻو سفير ۽ تجزيه نگار جميل احمد خان، پاڪستان اسٽڊي سينٽر ڪراچي يونيورسٽي جو اڳوڻو ڊائريڪٽر پروفيسر ڊا??ٽر سيد جعفر احمد ۽ ڪراچي يونيورسٽ?? جي سياسيات واري شعب?? جي اڳوڻي چي??رپرسن پروفيسر ڊا??ٽر تنوير خالد پڻ خطاب ڪندا.