اسلام آباد – 08 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ ايران پنهنجي عوام جي لاءِ بهتر مستقبل جي تعمير جو گڏيل ويزن رکن ٿا. سماجي رابطي جي ويب سائيٽ تي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظ?? چيو ته اڄ اسلامي جمهوريه ايران جي نئين چونڊيل صدر ڊاڪٽر مسعود پيز شڪيان سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه دوران کيس ڪاميابي ت?? مبارڪباد ڏيندي خوشي ٿي. هن چيو ته اسان خاص طور تي واپار ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ تع??ون وڌائڻ جي طري??ن ۽ علائقائي استحڪام جي لاءِ مضبوط حصيداري کي فروغ ڏيڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظ?? چيو ته ڀائر ۽ پاڙيسري هجڻ جي ناطي ٻئي ملڪ پنهنجي ماڻهن جي لاءِ گڏجي هڪ بهتر مستقبل جي تعمير جو گڏيل ويزن رکن ٿا.